SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Mirror Image

(click word to listen sound
  • 🔊
  • mirər
  • imidʒ
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Mirror Image

مرر اميج

چٽيل-بڻايل تاثر

هي اصطلاح نفسيات جي علم مان کنيل آهي، جنهن موجب ماڻهو ڪنهن به اداري، معاملي يا فرد کي انهيءَ بابت اڳ قائم ٿيل تاثر يا سڃاڻپ (Image) ۽ پنهنجي سمجهه جي سطح مطابق پرکين ٿا. هي عمل خاص طور تي هر ملڪ جي معاشرتي معاملن ۾ تمام گهڻو ملي ٿو. جڏهن به ٻن ڌُرين وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويندي آهي، ته ان وقت انهن ماڻهن جي نشاندهيءَ جي تمام گهڻي ضرورت هوندي آهي، جيڪي ٻنهي ڌُرين وچ ۾ معاملن جي طئه ٿيڻ جي سلسلي ۾ مُنافقت ۽ ٻٽي پاليسي رکندا آهن. اهڙن ماڻهن يا ادارن ۽ سندن ارادن کي سڃاڻڻ تمام ضروري هوندو آهي، پر ڪنهن به صورتحال کي ”مرر اميج“ واري اصطلاح تحت پرکڻ جي اِها وڏي خرابي آهي، ته هن رويي تحت هر ماڻهوءَ ۽ هر عمل کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. 1961ع ۾ نفسياتي علم جي ماهر ”برانفينبرينر“ عڪسي تاثر واري اصطلاح جا اثر سرد جنگ دؤران ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪافي هنڌن تي آمريڪا ۽ سوويت يونين شڪ جي بنيادن تي هڪٻئي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ”مرر اميج“ ڪيترن ئي معاملن ۾ هڪ مڪمل ۽ جامع حل به ڏيندو آهي. خاص طور تي اهڙو معاشرو، جنهن ۾ هر شهري صاف سٿرو، قانون مطابق ۽ سمجهه سوچ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو


Remember Me Also:

ٺاري ڏيڻ

ٿڌو ڪري ڏيڻ کاڌو ذ. ٺاهي جوڙي ڏيڻ ماني. تنبيه طور نه ڏيڻ. جٺ ڪرڻ جو دڙڪو ڏيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal